عوام دهشتگردن جو نيٽ ورڪ تباهه ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊز پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10 دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي آهي آهي، دهشتگردن کي فوجي عدالتن موت جي سزا ٻڌائي هئي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي دهشتگرد فوجي جوانن، عام شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، جن کي فوجي عدالتن سزائون ٻڌايو، دهشتگردن تي ٽرائل دوران ڏوهه ثابت ٿيو جيڪي ڪيپٽن جُنيد ۽ ڪيپٽن نجم رياض سميت ٻين جوانن جي قتل ۾ ملوث ثابت ٿيا. سزا ملندڙ دهشتگردن ۾ حنيفو، تيراه گل، محمد ولي، خائسته گل، رحمان، نثار خان، خيال جان، پائيو جان شامل آهن جيڪي ملڪ جو مواصلاتي نظام ۽ اسڪول تباهه ڪرڻ ۾ ملوث آهن. آءِ ايس پي آر موجب چئن دهشتگرن جو تعلق پابندي پيل لشڪر اسلام جڏهن ته 6 جو تعلق ٽي ٽي پي سان آهي. حنيفو فوجي جوانن کي اغوا ڪرڻ واري ڏوهه جو اعتراف ڪيو. دهشتگردن جي قبضي ۾ هٿيار ۽ بارود به پڪڙيو ويو هو، اڄ آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي نوڪريءَ جو مُدو ختم ٿيڻ کان چند ڏينهن اڳ دهشتگردن کي ڦاهي تي لٽڪائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪيترن ئي هٿياربند گروپن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. آءِ ايس پي آر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آرمي چيف سدرن ڪمانڊر جي دورو ڪيو. آرمي چيف ڪور ۽ ايف سي بلوچستان جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته آرمي چيف پاڪ فوج، ايف سي اهلڪارن ۽ جوانن جي قربانين کي ساراهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته عوام دهشتگردن جو نيٽ ورڪ تباهه ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت جي سهڪار کي اولين ترجيح ڏني آهي. سي پيڪ منصوبي سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي. بلوچستان ۾ ڪيترن ئي هٿياربند گروپن هٿيار فٽا ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *