عوام جي سهڪار سان ڪراچي جو امن بحال ڪيو ويو آهي: ڊي جي رينجرز

ڪراچي(اي پي پي) پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بلال اڪبر خميس ڏينهن ڪراچي ۾ قومي اسيمبليءَ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن تي رٿيل ضمني چونڊن جي سلسلي ۾ پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ ٻه جي پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميجر جنرل بلال اڪبر چيو ته عوام جي سهڪار سان ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رينجرز حڪومت جي فيصلن جي روشني ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي نگراني ڪري رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضمني چونڊن دوران مختلف هنڌن تي پيش آيل واقعا ايترا شديد نوعيت جا نه آهن جنهن کي رينجرز جي ذريعي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس مدد لاءِ طلب ڪندي ته رينجرز ڪارروائي لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ ميجر جنرل بلال اڪبر پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ ووٽرس سان ملاقات ڪئي ۽ ووٽرز امن امان جي بهتر انتظامن تي رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *