عوام جو مينڊيٽ حاصل آهي; پي ڊي ايم جي مطالبي تي استعيفيٰ ڇو ڏيون؟: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پي ڊي ايم جو 31 جنوري جو الٽيميٽم رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن پي ڊي ايم سنجيده آهي ته 31 جنوري تائين انهن جون استعيفائون قومي اسيمبلي اسپيڪر وٽ پهچي وڃن .اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ڊي ايم چئي ٿي حڪومت سان ڳالهين جو وقت گذريو ويو، ڌمڪين سان معاملا نه هلندا، اهو رويو جمهوريت کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، اسان کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي، بلاول کي جيڪڏهن سکڻو آهي ته پنهنجي ناني کان سکي، ڀٽو صاحب پنهنجي خلاف اٿندڙ تحريڪ کي چيو اچو ويهي ڳالهيون ڪيو، سياست ۾ هٺ ڌرمي ناهي هوندي پر توهان کي رستو ڳولڻو پوندو آهي. هن چيو ته لاهور ڊڪليريشن سامهون آئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون ته 31 جنوري تائين وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي، اسان توهان جي الٽيميٽم کي رد ڪيون ٿا، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کي مينڊيٽ مليو آهي، وزيراعظم ڇو استعيفيٰ ڏئي، عمران خان چئي رهيو آهي ته اسيمبلين کي نه ٽوڙيو ويندو، ملڪ جو نظام کوکلو ناهي، نين چونڊن جو مطالبو غير جمهوري ۽ غير آئيني آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ۽ مريم ٻئي هڪٻئي کي برداشت نه ڪري سگهندا، پي ڊي ايم جي صفن ۾ استعيفائن تي اتفاق ناهي، پ پ جي فيصلن ۾ ابهام موجود آهي، پ پ جي فيصلائتي قوت ڪنهن به جلسي ۾ موجود نه هئي، فيصلا اڄ به بلاول نه آصف زرداري ڪندو آهي، جنهن طرفان اڃا تائين استعيفائن جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، ن ليگ ۾ به ان معاملي تي ورهاست آهي، واضح طور تي ٻه ڌڙا نظر اچي رهيا آهن، هڪ سوچ مريم نواز جي ۽ ٻي شهباز شريف جي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه چهرا نواز شريف ۽ ڪجهه مريم نواز جي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪڏهن توهان ۾ اتفاق آهي ته 31 جنوري تائين توهان جون استعيفائون قومي اسيمبلي اسپيڪر وٽ پهچي وڃن، قيادت وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائڻ ڪا سنجيدگي ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *