عوام جمهوريت لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏي: آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽافف رپورٽر) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 75 هين پاڪستان ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾عوام کي چيو آهي ته هو جمهوريت لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري، هن چيو ته رياست جي طاقت عوام جي امنگ سان ٿيندي آهي، پر بندوق جي نالي سان نه، هن پاڪستان ڊي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين کي واڌايون ڏيندي چيو ته اسان کي انهن اصولن لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ گهرجي، جن لاءِ پاڪستان ٺاهيو ويو هو، پاڪستان جمهوريت، قانون جي حڪمراني، آئين جي عملداري ۽ شهرين جي برابري جي اصول تي ٺاهيو ويو هو، پاڪستان جو عوام ڪڏهن به انتهاپسندن جو ايجنڊا قبول نه ڪندو، هن چيو ته بلڪل واضح ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو عوام جي گڏيل خواهشن ۽ امنگ ۾ سمايل آهي، نه بندوق جي نالي ۾ يا ڪنهن خود پسند جي حڪم تي عوام کي زندگيون گهارڻ تي مجبور سگهندو، هن ڏينهن اسان کي 23 مارچ 1940 تي تاريخي قرارداد پاڪستان ۾ ڪيل واعدي کي ياد رکڻو پوندو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته غير مسلم اقلتين جي مذهبي، سياسي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ انهن سان مشورو ڪيو ويندو. الله سائين اسان کي قائد اعظم جي اصولن تي هلڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب نصيب ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *