عوام ان وزيراعظم سان انصاف ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻايو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب  چيو آهي ته سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته خدشن باجود ادارن جو احترام، قانون ۽ آئين جو احترام ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ادارن کي ڌمڪائي گارگند ڏئي معافي ڪير وٺي رهيو آهي، محمد نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿي اڄ به پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جو نئون مثال قائم ڪيو، فيئر ٽرائيل محمد نواز شريف ۽ ان جي خاندان جو آئيني حق آهي، اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته خدشن جي باوجود ادارن جو احترام ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اهو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته ادارن کي ڌمڪائي گارگند ڏئي پوءِ معافي ڪير گهري رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف سمورا قانوني حق هجڻ جي باوجود عملي طور تي قانون جي پاسداري ڪئي ۽ ادارن جي عزت ڪئي، ٻين وانگر چيلهه جي سور ۽ مٿي جي سور جو بهانو نه بڻايو پر سڄي خاندان کي پاڪستان جي قانون اڳيان پيش ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي ڪهڙي وزيراعظم ۽ خاندان ان کان اڳ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي، پاڪستان جو عوام ان وزيراعظم سان انصاف ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو جنهن کي پاڪستان جي عوام ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻايو. محمد نواز شريف پاڪستاني قوم جي ووٽ جي تقدس ۽ تحفظ جو ٻيڙو هلايو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي ووٽ جي تقدس سان ئي پاڪستان جو تحفظ لاڳاپيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *