عوام احتياط نه پيو ڪري، مجبورن لاڪ ڊائون وڌائڻو پوندو، ڪرونا سبب حياتي وڃائيندڙ هيلٿ ورڪر کي شهيد جو درجو ڏنو ويندو: ظفر مرزا

اسلام آباد (اين اين آءِ) صحت بابت خاص مددگار ظفر مزا چيو آهي ته ڪرونا جي مريض جي سار سنڀال ڪندي حياتي وڄائيندڙ هيلٿ وڪرز کي شهيد جو درجو ڏنو ويندو، فرنٽ لائين ورڪرز جي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ حڪومت فقرمند آهي، فوتي هيلٿ ورڪرز لاءِ هڪ سئو سيڪڙو پينشن ۽ سرڪاري گهر به برقرار رکيو ويندو، گذريل 2 هفتن کان ڪرونا وگهي موت هڪ ئي سطح تي ٿي رهيو آهي، احتياطي اپائن تي عمل ڪنداسين ته بيماري گهٽ پکڙجندي، اڱاري تي ڪرونا بابت ميڊيا بريفنگ دوران هن چيو ته صوبائي هيلٿ وزيرن ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن سان ڳالهين کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته طبي عملي جي حفاظت لاءِ اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ۽ انهن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ڀرپور مهم هلائي ويندي، هن چيو ته ڊاڪٽر، نرسون ۽ پيراميڊڪس جيڪي ذاتي حفاظت جو سامان استعمال ڪن ٿا ان حوالي سان قومي گائيڊ لائين ٺاهڻي آهي، هي صوبائي ۽ وفاقي سطح تي پهريان کان موجود آهي پر اهو طئه ڪيو ويو آهي ته هڪ گائيڊ لائين ٺاهي وڃي جنهن سان ملڪ ۾ برابر سطح تي رهنمائي وٺي سگهجي، هن چيو ته هن حفاظتي سامان جو هجڻ به ضروري آهي، ان حوالي سان اين ڊي ايم اي نظام جوڙي ڇڏيو آهي ته سمورين اسپتالن ۾ سڌي طرح ذاتي حفاظتي سامان فراهم ڪيو پيو وڃي، ان نظام سان سامان جا مسئلا ڪافي حد تائين ختم ٿي ويا آهن پر سامان جي صحيحي استعمال جو مسئلو اڃا به آهي، حڪومت جي ترجيحن ۾ فرنٽ لائين عملي لاءِ وڏي اهميت آهي، اهو سڀ ڪيو ويندو جيڪو حڪومت کي ڪرڻ گهرجي، ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ متاثرن جو انگ 1480 هزار آهي، 24 ڪلاڪن ۾ 751 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جن ۾ گهڻا سنڌ ۾ 341، پنجاب ۾ 194، ڪي پي ڪي ۾ 120، بلوچستان ۾ 72، اسلام آباد ۾ 16، گلگت ۾ 2 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڪيس شامل آهن، هن وقت تائين ڪرونا جون هڪ لک 57 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، 3 هزار کان وڌيڪ صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿيا، گذريل 2 هفتن ۾ ڪرونا سبب جيڪي ماڻهو مري رهيا آهن انهن جو انگ مستحق آهي، هن وقت پهريان کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته احتياطن تي عمل ڪيو وڃي، رمضان ۾ افطاري کان بازران ۾ رش نظر اچي رهي آهي، ڪيتريون مسجدون ايس او پي تي عمل نٿيون ڪن، هن چيو ته ائين ڪرڻ اسان جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته بيماري گهٽ پکڙجندي ۽ پابنديون ختم ٿي وينديون، جيڪڏهن سلسلو ائين هلندو رهيو ته مستقبل ۾ اسان کي لاڪ ڊائون وڌائڻو پوندو، عوام پنهنجو خيال رکندو ته ٻيا به هن بيماري کان محفوظ رهي سگهندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *