عوامي مسئلن لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهيون، اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي هر شهريءَ کي موقعا ملن: وزيراعظم

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هاڻوڪي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن، بجلي جي وڏن وڏن منصوبن سان گڏوگڏ ملڪي ۽ علائقائي مواصلاتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، جنهن سان ملڪ جو منظرنامو ۽ قسمت بدلجي ويندي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ميمبر (اين اي ۱٦۲ ساهيوال) چوڌري محمد ظفيل سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترقياتي ۽ فلاحي اسڪيمن جو مقصد عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي ۽ پاڪستان کي هڪ ترقي يافتا ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ آهي، جتي هر شهري کي هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن سان فعال رابطو رکڻ گهرجي ته جيئن هو انهن جي مسئلن کان آگاهه هجن ۽ انهن جي حل لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *