عوامي مرڪز جي باهه ۾ سي پيڪ جو ڪو رڪارڊ ناهي سڙيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ ريارمز ڊويزن موجب اسلام آباد جي عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه سبب سي پيڪ جو ڪنهن به قسم جو ڪو به رڪارڊ ناهي سڙيو ۽ ان حوالي سان هليل سموريون خبرون بي بنياد آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا اسلام آباد جي عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه دوران سي پيڪ جو رڪارڊ سڙڻ وارين خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، سندس چوڻ هيو ته پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ ريفارمز ڊويزن موجب عوامي مرڪز جي باهه ۾ سي پيڪ جو ڪو به رڪارڊ ناهي سڙيو، باهه ۾ هڪ ننڍي ريسرچ يونٽ کي نقصان پهتو آهي، جنهن جو سمورو رڪارڊ ڊجيٽل ۽ سوفٽ ويئر ۾ هيو ۽ اهو مڪمل طور محفوظ آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *