عوامي مارچ کي ٽي چوڪ تي روڪيو ويو، بلاول پاران فيض آباد بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي عوامي مارچ کي اسلام آباد پوليس ٽي چوڪ تي روڪي ورتو، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري به رستي ۾ رڪجي ويو. پ پ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پ پ جي عوامي مارچ جي وڏي قافلي کي اسلام آباد پوليس روڪي ورتو آهي. اطلاعن موجب جنهن ڪنٽينر تي بلاول ڀٽو زرداري سوار آهي، ان جي پويان موجود گاڏين کي مختلف جاين تي رنڊڪون لڳائي روڪيو ويو، جنهن کانپوءِ بلاول به اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پ پ ترجمان موجب بلاول مڪمل قافلي کانسواءِ اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ عوامي مارچ جو قافلو ايڪسپريس وي کان اڳ ٻين ساٿين جي انتظار ۾ رڪجي ويو. ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي روڪيو ويو آهي، فيض آباد بلاڪ ڪنداسين، ڊي چوڪ به وينداسين. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي قافلي کي روڪيو ويو آهي، اسان فيض آباد تي ڌرڻو هڻنداسين، آخري ڪارڪن اچڻ تائين قافلو اڳتي نه وڌندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *