عوامي ريليف جي شعبن ۾ پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي رليف جي شعبن ۾ پنجاب سرڪار جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي. وزير اعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير صوبي ۾ اهم معاملن، امن امان ۽ انارڪلي واقعي تي وزير اعظم کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزير اعظم کي مڪاني چونڊن جي تيارين جي حوالي سان به آگاهه ڪيو. وڏي وزير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجاب ۾ تعلقي جي سطح تي ريسڪيو سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ريسڪيو ايئر ايمبولينس سروس به شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن تي وزير اعظم ايئر ايمبولينس منصوبي جي واکاڻ ڪئي. ان کانسواءِ پنجاب جي وڏي وزير مختلف کاتن ۾ سڌارن ۽ صحت ڪارڊ جي ورهاست جي حوالي سان به وزير اعظم کي آگاهه ڪيو. عثمان بوزدار چيو ته تحريڪ انصاف جي منشور موجب عوامي ريليف وارن ڪمن ۾ تيزي آڻي رهيا آهيون ۽ مختلف شعبن ۾ قانونسازي بابت به قدم کنيا ويندا. وزير اعظم عمران خان صوبي اندر ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب سرڪار جي عوامي ريليف وارن ڪمن  ۾ ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ وارن ڪمن ۾وڌيڪ  تيزي آندي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *