عهد ڪيون ٿا ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عهد ڪيون ٿا ته ان وقت تائين سک سان نه ويهنداسين جيستائين پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم نه ٿيندي پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان جا ٻارڙا اسان جو مستقبل آهي پنهنجي مستقبل سان ڪنهن کي نه کيڏڻ ڏينداسين معصوم شهيدن جي وارثن جو غم لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 16 ڊسمبر کي ڪاري ڏهاڙي جي طور ياد رکيو ويندو اختلاف وساري دهشتگردي خلاف متحد ٿي اٿڻ تي قوم خراج تحسين جي مستحق آهي پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم دنيا کي واضح پيغام ڏنو آهته دهشتگردن جي اسان جي معاشري ثقافت ۽ مذهب ۾ ڪائي جڳهه نه آهي دهشتگردن جو ڪوئي مذهب ۽ نظريو نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *