عملي کي يرغمال بنائڻ مان لڳي ٿو ته ڪي پي حڪومت پاڻ مڪاني چونڊن تي اثر انداز ٿيندي رهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

پشاور (اين اين آءِ) اتر وزيرستان جي ٽن پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ عملي کي يرغمال بڻائڻ ۽ تشدد جي ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته ڪي پي حڪومت پاڻ مڪاني چونڊن تي اثر انداز ٿيندي رهي آهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته رٽرننگ آفيسر ٽن پولنگ اسٽيشنز تي گوڙ، پولنگ عملي تي تشدد ۽ پولنگ جو سامان چوري ٿيڻ جي رپورٽ ڏني جڏهن ته رٽرننگ آفيسر ٽن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جي درخواست ڏني آهي ٽنهي پولنگ اسٽيشنز جا پرزائيڊنگ آفيسر به اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا جتي هڪ عورت پرزائيڊنگ آفيسر چيو ته منهنجي پولنگ اسٽيشن تي عورتن پولنگ ايجنٽن حملو ڪيو ۽ مون کي ڀڄي سر بچائڻو پيو ڊپٽي ڪمشنر اتر وزيرستان اليڪشن ڪميشن ۾ به پيش ٿيو چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪهڙا رٽرننگ آفيسر آهيو جو ڊي سي هجڻ جي باوجود اوهان عملي کي تحفظ فراحم ناهيو ڪري سگهيا پرازيڊنگ آفيسر عورت جو بيان ٻڌي روئڻ اچي رهيو آهي اسپيشل سيڪريٽري ٻڌايو ته صوبائي وزير رليف جي خلاف گوڙ جون شڪايتون آيون جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيوت ه اوهان صوبائي وزير جي خلاف ڇا ڪارروائي ڪئي لڳي ٿو ته صوبائي حڪومت پاڻ چونڊن تي اثرانداز ٿيندي رهي آهي اليڪشن ڪميشن ٽنهي پرزائيڊنگ آفيسرن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي صوبائي وزير ۽ ان جي ڀاءُ کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته چئن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *