عمر شريف جي ڪاميڊيءَ جي اسٽائل جو ديوانو آهيان: جاني ليور

ممبئي(اي پي پي) بالي ووڊ ڪاميڊين جاني ليور چيو آهي ته مان پاڪستاني ڪاميڊين ۽ ميزبان عمر شريف جو وڏو فين ۽ ديوانو آهيان. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ جاني ليور چيو ته هن بالي ووڊ جي ٺهندڙ اٽڪل 85 سيڪڙو فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي اها فلم ڪنهن به نسل لاءِ ڪنهن به مضمون تي ٺهندڙ ڇو نه هجي مون کي فلمساز اهو چوندا آهن ته جاني تو هرحال ۾ اسان جي فلم ۾ ڪندي پر هاڻي مان پنهنجي ڪردار جي چونڊ ۾ سليڪٽو ٿي ويو آهيان ڇو ته مان سمجهان ٿو ته مان پنهنجي هڪ سُڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي ان کي برقرار رکڻ لاءِ مان سليڪٽو ٿيڻ چاهيان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *