عمر شريف جي طبيعت ۾ بهتري، سي سي يو کان وارڊ منتقل

ڪراچي (شوبز نيوز)اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي پٽ جواد عمر والد جي طبيعت ۾ بهتري جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو آهي.عمر شريف جي پٽ جواد عمر خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرن پيءُ عمر شريف جي طبيعت کي سنڀالي ورتو آهي، والد کي سي سي يو کان پرائيويٽ وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.جواد عمر جو چوڻ هو ته ايئر ايمبولنس اچڻ ۾ وڌيڪ هڪ کان 2 ڏينهن لڳي سگھن ٿا، ايئر ايمبولنس جي اچڻ کان پوءِ والد علاج لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويندو.ٻي پاسي عمر شريف کي علاج لاءِ آمريڪا کڻي ويندڙ ايئرايمبولنس ڪمپني طرفان به هڪ اي ميل موصول ٿي آهي.اي ميل موجب عمر شريف جي فيملي جو ڪو به فرد ايئر ايمبولنس ۾ سفر نه ڪري سگھندو جڏهن ته ايئر ايمبولنس کي واشنگٽن تائين پهچڻ لاءِ ٻن هنڌن تي اسٽاپ ڪرڻو پوندو.ڪمپين جي اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته مريض سان گڏ سفر ڪندڙن لاءِ يورپ ۽ ڪينيڊا جا ويزا هجڻ گھرجن.عمر شريف جا گھرڀاتي ڪمرشل اڏام ذريعي آمريڪا وينداٻي پاسي ان حوالي سان سنڌ حڪومت جو به بيان سامهون آيو آهي.سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب ايئر ايمبولينس اچڻ لاءِ ڏنل 5 ڏينهن مان 3 ڏينهن گذريل چڪا آهن، وقت گھٽ آهي، وزيزا فوري طور تي حاصل نٿا ڪري سگھجن.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر شريف جي خاندان جي چارئي گھر ڀاتي پنهنجي طور تي ڪمرشل اڏام ذريعي آمريڪا ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *