عمر اڪمل جي ايمانداري تي يقين آهي، هو ائين ناهي، جئين کيس پيش ڪيو پيو وڃي: ڪامران اڪمل

 

ڪراچي(اسپوٽس نيوز) پاڪستان جي سينيئر وڪيٽ ڪيپر، بيٽسمين ۽ پشاور زلمي جي رانديگر ڪامران اڪمل جو چوڻ آهي ته ان کي پنهنجي ڀاءُ عمر اڪمل جي ايمانداري تي يقين آهي، عمر اڪمل کي جهڙي ريت پيش ڪيو پيو وڃي اهو ائين ناهي، اڃا جاچ جاري آهي، ان کان اڳ عمر اڪمل جي باري ۾ قياس آرائي نه ڪئي وڃي.ڪامران اڪمل پشاور زلمي جي طرفان ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي خلاف ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي، جنهن سبب ان جي ٽيم ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.شاندار پرفارمنس کانپوءِ ڪامران اڪمل پريس ڪانفرنس ۾ سندس جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ اينٽي ڪرپشن يونٽ جي جاچ جو شڪار ان جي ڀاءُ اعمر ڪمل بابت به سوال ٿيا، جنهن تي ڪامران جو چوڻ هو ته عمر ڪامل سندس ڀاءُ آهي، اهو ان کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته عمر اڪمل اهڙو ناهي، اڃا جاچ هلي رهي آهي، جيڪڏهن هو خطاڪار ٿيو ته پوءِ جيڪو ڪجهه چوڻو آهي ته چئجو پر هن وقت قياس آرائي کان پاسو ڪيو وڃي. ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته عمر اڪمل اينٽي ڪرپشن يونٽ سان تعاون ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته ائين ڪليئر ٿيندو، جئين 10 سالن پهرين ٿيو هو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس فوڪس سدائين پرفارمنس تي ئي هوندو آهي، هو جنهن ٽيم سان به کيڏندو آهي ته ترجيح هوندي آهي ته بهتر کان بهتر پرفارم ڏئي. في الحال ان جي توجهه پاڪستان سپر ليگ تي مرڪوز آهي، هو ان ليگ ۾ بهتر پرفارم ڪري پنهجي ٽيم پشاور زلمي کي ڪامياب ڪرائڻ چاهي ٿو.سليڪشن ڪميٽي جي حوالي سان ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته ان جو ڪم پرفارم ڪرڻ آهي، باقي سليڪٽرز تي آهي، گذريل سليڪشن ڪميٽي کان به ڪا شڪايت ناهي ۽ هاڻ موجوده ڪميٽي کان به ڪائي شڪايت ناهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ هڪ اسپيل يا هڪ اننگز تي رانديگر کي قومي ٽيم ۾ کڻڻ مناسب ناهي. سليڪشن جي لاءِ هڪ معيار يا 4 ڏينهن واري ڪرڪيٽ کي رکيو وڃي ته جئين رانديگر صحيح نموني تيار ٿي ٽيم اچن.پنهنجي سينچري جي حوالي سان ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته وڏو اسڪور ڪري سدائين خوشي ٿيندي آهي پر نيشنل اسٽيڊيم ۾ ان جي سڀ کان يادگار پرفارمنس انڊيا جي خلاف ٽيسٽ سينچري هئي ۽ هن سينچري جو ٽيسٽ ميچ جي سينچري سان ڪو مقابلو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *