عمرڪوٽ ۾ ٽورنامينٽ جي فائنل دوران بدنظمي، شوقينن تي لٺبازي

 

عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز) عمرڪوٽ ۾ ٽورنامينٽ جي فائنل دوران بدنظمي، شوقين گرائونڊ ۾ گهڙي آيا، لٺبازي، ان ڏس ۾ عمرڪوٽ جي ماروي گرائونڊ تي ڪالهه هارڊ بال ٽورنامينٽ جو فائنل هو، جتي پاڪستان جو ٽيسٽ ڪرڪيٽر شرجيل خان ۽ ٻيا مشهور رانديگر کيڏي رهيا هئا. شرجيل خان جيئن ئي ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات بعد فيلڊنگ تي آيو ته شوقين آپي مان نڪري آيا ۽ هلندڙ ميچ دوران گرائونڊ ۾ گهڙي آيا، جن کيس گهيري ورتو. بدنظمي سبب امپائرن ميچ 17هين اوورن ۾ ٽنڊو آدم کي ڪامياب قرار ڏئي ميچ ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته بدنظمي بعد پوليس اهلڪارن شوقينن تي لٺبازي ڪري کين گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍيو، پر تماشائين جو انگ وڌيڪ هئڻ سبب ميچ جاري رهي نه سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *