عمرڪوٽ جي ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

عمرڪوٽ (رپورٽر) سامارو ۾ چيما فارم ويجهو ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، گذريل رات عطا محمد پلي ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جا 2 ٻارڙا جن ۾ پنج سالا ملجي ۽ 3 سالا هريش ولد لڇمڻ ۽ ٻئي گهر جو چار سالا رجني ٻائي ولد هريرام فوت ٿي وئي، گذريل رات گهر ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ انهن ٽنهي ٻارن جي تبيعت خراب ٿيڻ تي انهن کي تعلقه اسپتال سامارو منتقل ڪيو ويو هو جتي انهن جي حالت خراب ٿيڻ سبب انهن کي حيدرآباد سول اسپتال ۾ ريفر ڪيو ويو هو جتي هنن دم ڌڻي حوالي ڪيو، لڇمڻ جي گهر ٻن ٻارڙن جا لا پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻارن جي ماءُ ريشمي کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *