عمران ۽ حسين نواز جي ڪمپنين ۾ فرق آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان ۽ حسين نواز جي ڪمپنين ۾ فرق آهي، عمران خان ڪائونٽي کيڏي فليٽ ورتو جڏهن ته عمران ۽ حسين نواز ٻئي ثابت ڪن ۽ شروعات وزير اعظم کان ڪئي وڃي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن حسين نواز وزير اعظم جو پٽ نه هجي ها ته ڪير ان کي 100 ڊالر ڏئي ها، عمران پنهنجي پاڻ کي رضاڪاراڻي طور پيش ڪيو اسان اهو چيو آهي ته شروعات نواز شريف ۽ ان جي ٻارن کان ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان چئون ٿا ته 1956ع وارو ايڪٽ ٺيڪ ناهي، اهو سول جج جا اختيار ڏيندو آهي، پاناما پيپرز ۾ ايندڙ 630 نالا جسٽس ڏانهن موڪليا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *