عمران پوري ملڪ جو ٺيڪو ڇڏي خيبرپختون خواهه جي ڳڻتي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته خيبر پختون خواهه ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ واش روم نه آهن، عمران خان خيبرپختون خواهه جي احتساب ڪميشن جا تالا کولرائي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته خيبر پختون خواهه جي عوام جو لٽيل پئسو صوبي تي خرچ ڪري، خيبر پختون خواهه ۾ اسڪولن جي بهتريءَ جي لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ توهان خيبر پختون خواهه جي اسڪولن ۾ هڪبه نئون ڪلاس روم ڏيکاريو، خيبر پختون خواهه ۾ 25 لک بار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 10 هزار اسڪولن ۾ بجلي ئي ڪانهي، 7 هزار اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه آهي، تعليمي اصلاحن ۾ مدد گھرجي ته مريم نواز ۽ شهباز شريف سان رابطو ڪيو، وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ عمران خان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، انتشاري سياست جي ڪري عوام چونڊن ۾ عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *