عمران نيازي معاشي جنگ ۾ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوري ڇڏيا: ن ليگ

لاهور: (م.ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي معاشي جنگ ۾ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوري ڇڏيا آهن. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جون چاٻيون آءِ ايم ايف کي ڏيڻ سان تباهي ٿيندي. مني بجيٽ جي تباهي جا اثر ايندڙ مهيني، سال ۾ نڪرندا. ڪومت پاڻ مهانگائي ڪندي آهي ۽ پوءِ چوندي آهي ته قوم مهانگائي جي ڪري سمجهي نٿي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي نااهل حڪومت جي ڪري ٿي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته معاشي گاڏي جو انجڻ سيز ڪيو ويو آهي. مهانگائي جي ذميوار عمران نيازي اينڊ ڪمپني هوندا. هي ڪرپٽ ڪمپني پهريان ئي نه پئي هلي. هاڻ هي ڏيوالپڻي جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *