عمران نيازي بل ڪلنٽن ناهي، نه اهو هن ملڪ جو صدر بڻجي سگهي ٿو: عائشه گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي ته جماعت اسلامي عمران خان نيازي کي پنهنجي پٺيان لڪڻ نه ڏئي، هڪ سياسي جماعت جي قائد مون ۽ منهنجي خاندان خلاف ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته جماعت اسلامي ڪميٽي جي مخالفت ڪري رهي آهي، عمران نيازي بل ڪلنٽن ناهي، نه اهو هن ملڪ جو صدر بڻجي سگهي ٿو، طاهرالقادري پاڻ يک عالم چوي ٿو، مان ان کي انتهاپسند سمجهان ٿي، طاهرالقادري 14 ماڻهن جي موت جو مذاق بڻائي رکيو آهي، عمران نيازي جلسن ۾ موجود عورتن جي لاءِ چوندو آهي اسان جون عورتون، شاهه محمود، جهانگير ترين جلسن ۾ عورتن کي ڌيئر، ڀينرون چوندا آهن، عمران نيازي جي اهو چوڻ باوجود به مرد پنهنجي عورتن کي جلسن ۾ وٺي ايندا آهن، هن چيو ته عمران نيازي ڇا اسان جي مردن کي کدڙو سمجهي رکيو آهي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *