عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد (اين اين آءِ) دهشتگردي روڪٿام جي عدالت عمران فاروق قتل ڪيس جي ٽن گرفتار جوابدارن کي ستن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو ايف آءِ اي عمران فاروق قتل ڪيس جا 3 گرفتار جوابدار خالد محمود سيد محسن ۽ معظم علي خان کي اسلام آباد ۾ دهشتگردي روڪٿام عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي جي آڏو پيش ڪيو ايف آءِ اي جي وڪيل پاران اپيل ڪئي ويئي ته جوابدارن کان جاچ لاءِ کين 10 ڏينهن جي ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي عدالت ۾ جوابار معظم علي جي وڪيل جوهر عابد موقف اختيار ڪيو ته کيس اڃا تائين پنهنجي مؤڪل جي خلاف ايف آءِ آر جي ڪاپي ناهي ڏني ويئي هن عدالت کي درخواست ڪئي ته معظم علي جي ان جي گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته اسان کي ملاقات تي اعتراض نه آهي هي انهن جو قانوني حق آهي معظم علي جي وڪيل ان جي گهرڀاتين کي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر وٺي اچن جتان انهن سان ملاقات ڪرائي ويندي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ستن ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي جي تحويل ۾ ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي ۾ کيس ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *