عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ڊرامائي مور، چمن بارڊر تان 2 ڄڻا گرفتار، ايف آءِ اي حوالي

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر چمن مان ايف سي ڪارروائي دوران عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وڌيڪ جانچ لاءِ ايف آئي اي حوالي ڪيو ويو آهي. پاڪ افغان بارڊر چمن ۾ ايف سي ٻه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. شروعاتي جانچ دوران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٻنهي گرفتار ماڻهن خالد شميم ۽ محسن جو تعلق سياسي پارٽي سان آهي جيڪي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ملوث آهن. ايف سي ترجمان جو چوڻ هو ته وڌيڪ جانچ لاءِ ٻنهي کي ايف آئي اي حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهرو وزارت کي به گرفتاري کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ٻئين ڄڻا پاڪ افغان بارڊر چمن کان افغانستان وڃي رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *