عمران فاروق قتل ڪيس ۾اهم اڳڀرائي جو امڪان، اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي گرفتار ڏوهارين تائين پهچ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) ايم ڪيو ايم جي مقتول اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ ايندڙ هفتي اهم اڳڀرائي جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت برطانوي پوليس اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين تائين ايندڙ هفتي پهچ ڏئي رهي آهي، جڏهن ته برطانيا پاران گرفتار ڏوهاري محسن علي جي ٻانهن گهرڻ جو به امڪان آهي. چمن مان گرفتار ڪيل محسن علي کي عمران فاروق قتل ڪيس جو اهم ڏوهاري قرار ڏنو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ ترت پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن دوران برطانوي پوليس جي ٽيم عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين کان پڇا ڳاڇا ڪندي، پاڪستاني ٽيم به ان سان گڏ هوندي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ پهرين ئي محسن علي ۽ ڪاشف کي سندن حوالي ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، محسن علي کي ڪجهه ڏينهن پهرين خالد شميم سان گڏ چمن مان گرفتار ڪيو ويو هو، هاڻ برطانيا سندس حوالگي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو. چيو پيو وڃي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا جو ڪو ٺاهه ٿيل ناهي، جيڪڏهن برطانيا عمران فاروق قتل ڪيس جي ڏوهارين کي سندس حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندو ته پاڪستان به گهربل ڏوهاري حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *