عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻن ڏوهارين عدالت ۾ ڏوهه قبولي ورتو

اسلام آباد (بيورو) عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 ڏوهارين عدالت اڳيان پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو. عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 مان 2 ڏوهارين محسن علي ۽ خالد شميم کي ايف آئي اي سخت سيڪيورٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عبدالستار عيساڻي جي اڳيان آندو ويو،جتي ٻنهي ڏوهارين قلم 164 جي هيٺ پنهنجو ڏوهه قبولڻ وارو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.ذريعن مطابق ڪيس جي ٽئين مک ڏوهاري مغظم علي ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،سندس چوڻ آهي ته هو ڪنهن به ان طرح جي ڪيس ۾ ملوث ناهي،ان ڪري هو ڏوهه ڇو قبولي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *