عمران فاروق قتل ڪيس جو مک جوابدار ڪراچيءَ مان گرفتار، چوڌري نثار جي تصديق

اسلام آباد/ڪراچي (بيورو/اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، مک جوابدار کي گذريل ڏينهن رينجرز عزيز آباد جي علائقي نائين زيرو جي ڀرسان هڪ گهر مان گرفتار ڪيو هو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ميڊيا سان ڳالهائيندي انهيءَ اهم خبر جو انڪشاف ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي اهم جوابدار کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جوابدار جو في الحال نالو نٿا ٻڌائي سگهون پر اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته عمران فاروق قتل ڪيس برطانيه نه پر پاڪستان لاءِ به هڪ امتحان هو. عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي پاڪستان  انٽيليجنس ادارن جي مدد سان ٿي. انهيءَ اهم ڪيس تي اسڪاٽ لينڊ يارٽ سان معلومات شيئر ڪئي. هن ٻڌايو ته گرفتار شخص ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ۾ ملوث ٻن ماڻهن کي برطانيه موڪلڻ ۾ ملوث هو. گهرو وزير چيو ته حڪومت جو مقصد ڪنهن جي جان وٺڻ نه پر جوابدارن کي ڪٽهري ۾ آڻڻ آهي. انهيءَ معاملي تي سڀاڻي يا ٻئين ڏينهن جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم بڻائي ويندي، وفاقي ادارن کي به جي آئي ٽي جو حصو بڻايو ويندو. ٻئي پاسي ذريعن موجب عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ٽارگيٽ ڪلرز کي برطانيه موڪليندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. معظم علي خان نه رڳو برطانيه ۾ ويزي جي درخواست جمع ڪرائي هئي پر محسن علي ۽ ڪاشف کي ويزا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. معظم علي خان نالي شخص کي گذريل ڏينهن عزيز آباد ۾ 90 جي ڀرسان گهر نمبر 8/90 مان گرفتار ڪيو ويو. معظم علي جي ڀاءُ کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب معظم علي خان 2010ع ۾ اصفتخار هسين سان به رابطو ڪيو هو. واضح رهي ته عزيز آباد مان گرفتار شخص مظم علي خان جو نالو برطانوي نشرياتي اداري جي ڊاڪيومينٽري ۾ به ورتو ويو هو. ذريعن موجب پاڪستان اختيارين جوابدار جي گرفتاري بابت اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *