عمران فاروق قتل، قتل لاءِ برطانيا جي شهريت ۽ رهائش جي لالچ ڏني ويئي: محسن علي سيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪندڙ جوابدار لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪري رهيا آهن جوابدار محسن علي سيد پنهنجي اقبالي بيان ۾ اعتراف ڪيو ته قتل لاءِ کيس برطانيا جي شهريت ۽ رهائش جي لالچ ڏني ويئي هئي مرڊر مشن لاءِ 6 مهينن تائين لنڊن ۾ ٻن مشهور ريسٽورنٽس تي ويٽر طور نوڪري به ڪئي ميڊيا اطلاعن مطابق ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار محسن علي سيد اقبالي بيان ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرڻ لاءِ هو فيبروري 2010 ۾ برطانيا پهتو لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق جي رهائشگاهه کان 25 کان 30 گز جي فاصلي تي هڪ ڪمرو ڪرائي تي ورتو جتان عمران خان جي گهر اچڻ وڃڻ جي شيڊول بابت سموري ڄاڻ گڏ ڪئي محسن علي بيان ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مرڊر مشن مڪمل ٿيڻ تائين لنڊن جي سيڪ مقامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي جڏهن ته ٻه مشهور فوڊ چين ۾ پارٽ ٽائيم ويٽر طور نوڪري ڪئي جوابدار محسن جي بيان مطابق برطانيا جي شهريت ۽ مستقل رهائش جي لالچ ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرڻ تي راضي ٿيس ڇو ته خالد شميم ان کي مستقبل جا خواب ڏيکاريا هئا جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي بيان ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪيس جي تعاون ۾ معاون ثابت ٿيندا جوابدار محسن علي اقبالي بيان ۾ ڇيو ته لنڊن ۾ عمران فاروق جو گهر خالد شميم ڏيکاريو هو عمران فاروق کي ڪاشف ڇرين ۽ سرن سان وار ڪري قتل ڪيو قتل کان پوءِ اسان سريلنڪا پهچي وياسين جوابدار ٻڌايو ته عمران فاروق کي قتل ڪرڻ لاءِ ڇرين جو هڪ دٻو خريد ڪيو جنهن کي عمران فاروق جي گهر ٻاهران لان ۾ مٽي کوٽي لڪائي ڇڏيو ڪاشف ڇرين ۽ سرن جا وار ڪري عمران فاروق کي قتل ڪيو جوابدار محسن علي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته قتل کان پوءِ اسان سريلنڪا جي شهر ڪولمبو پهچي وياسين سريلنڪا ۾ پئسا ختم ٿي ويا ۽ خالد شميم اچي وڌيڪ رقم ڏني سريلنڪا مان ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪراچي پهتاسين بعد ۾ پنج سال افغانستان ۾ رهياسين غير قانوي طور تي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو هيس ته بارڊر تي پڪڙجي پيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *