عمران صاحب گلالئي جي سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي شرم اچڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَءِ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته  علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪرن جو سڀ کان بهريتن طريقو  ان جي فڪر تي عمل ڪرڻ آهي ، اقبال ڊي جي موقعي تي مريم اورنگزيب چيو ته علامه اقبال پنهنجي سموري ڄمار مسلمانن کي جاڳائڻ 7 انهن ۾ احساس ذميواري پيدا ڪرڻ جي لا3 وقف ڪري ڇڏي، هن چيو ته اسانکي روح فڪر اقبال جي روشني ۾ پنهنجي اڄ ۽ مستقبل جي تعمير ڪرڻي پوندي،  مريم اورنگزيب چيو ته نوجوان نسل جي لاءِ اقبال جو پيغام روشن رستو ۽ فڪري تربيت جو بهترين ذريعو آهي مريم اورنگرزيب چيو ته نوجوان اقبال جا شاهين بڻجي سوچ ۽ ترقي جي ميراج حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن، هن چيو ته مسلم ليگ نون جي حڪومت قائداعظم ۽ علامه اقبال جي پاڪستان جي تصور کي تعبير ڏين جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته علامه اقبال جو پيغام ڪنهن هڪ ملڪ يا قوم تائين محدود ناهي رهيو.  مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان کي عدالت سان گڏ نه عدالت ۾ بيهڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عمران خان امپائر جي آڱر جو انتظار ڪرڻ تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته عمران صاحب چونڊيل حڪومت خلاف ڌرڻي جي سازش تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، هم چيو ته عرمان صاحب چندي، پارٽي جي فنڊ مان جوا کيڏڻ تي شرم اچڻ گهرجي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران صاحب، پاڪستاني فوجن کي تڪراري بڻائڻ تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران صاحب آئيني، قانوني ادارن مان فرار يٿڻ تي شرم ڪريو، عمران صاحب گلالئي جي سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي شرم اچڻ گهرجي، عمران صاحب اقتدار جي هوس ۾ فساد، انتشار ڦهلائڻ تي شرم ڪريو، هن چيو ته عمران صاحب پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتساب ڪميشن کي تالو لڳائڻ تي شرم ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *