عمران صاحب پنهنجي ڪوڙي سياست چمڪائڻ لاءِ هميشه نوجوانن سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي نوجوان بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران صاحب پنهنجي ڪوڙي سياست چمڪائڻ لاءِ هميشه نوجوانن سانرڳو ڪوڙ ڳالهايو آهي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نوجوان رستن تي آهن، والدين جي دعوا، گهر جي مسواڙ، تعليم جا خرچ ڏيڻ جي قابل ناهي ڇڏيو هن چيو ته عمران صاحب ٽن سالن ۾ ڪوڙ، ڪرپشن مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي کان سواءِ قوم ۽ نوجوانن کي اوهان ڇا ڏنو آهي، عمران صاحب ٽن سالن ۾ اوهان نوجوانن کي رڳو بيروزگار ڪيو آهي، عمران صاحب اوهان سي پيڪ سان روزگار حاصل ڪندڙ نوجوانن کي لاڳيتو لنگر خانا ڏنا ڪرسي تي ويهندي ئي نوجوان لاءِ تعليم مهانگي ڪري ڇڏي ۽ تعليمي بجيٽ تي ڪاتي واهي ڇڏي، هن چيو ته عمران صاحب اوهان 3 جعلي بجيٽ ڏئي ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آڻي نوجوانن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو. ٻار رستن تي احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ اوهان رڳو حوالا ڪري رهيا آهيو هنچ يو ته نوجوانن کي ليپ ٽاپ تعليمي وظيفا ڏيڻ تي نوازشريف ۽ شهبازشريف سان حسد ڪندڙ اڄ نوجوانن کان روزگار کسي رهيا آهن، نوجوانن لاءِ ميٽروز، اِي ايجوڪيشن ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو تعليمي فنڊ نوازشريف ۽ شهبازشريف ڏنو. نوجواننکي روزگار ۽ ڪاروبار لاءِ تاريخي منصوبا نوازشريف ۽ شهبازشريف ڏنا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *