عمران صاحب غلط الزام ۽ توهان جو ڪوڙو بيانو دفن ٿي ويو: ن ليگ

لاهور (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف جي ضمانت وارو آرڊر جاري ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل اعظم نذير تارڙ ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت نمبر 2 ۾ جمع ڪرايا، ملڪ سيف کوکر ۽ چوڌري محمد نواز شريف جا ضمانتي آهن. احتساب عدالت شهباز شريف جي طرفان جمع ڪرايل مچلڪن جو جائزو وٺي هن جي آزادي جو پروانو جاري ڪيو جنهن کان پوءِ کيس جيل مان آزاد ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي صدر شهبازشريف مان جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ گهر پهچڻ تي پارٽي قائد ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ نوازشريف سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو نوازشريف شهبازشريف کي ضمانت ۽ آزاد ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿي آهي اوهان ڏکيو وقت همٿ ۽ حوصلي سان گذاريو الله تعاليٰ اوهان کي سرخرو ڪريو حڪومت انتقام جي سياست ڪري اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي شهبازشريف نوازشريف کان سندس صحت بابت حال احوال ورتو شهبازشريف سان ان جي رهائشگاهه تي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ملاقات ڪري آزاد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي غير رسمي صلاح مشوري وارو اجلاس به ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي مريم نواز، حمزه شهباز، خواجه سعد رفيق، مريم اورنگزيب، امير مقام عطاءالله تارڙ، خواجه احمد حسان، حافط ميان محمد نعمان، خواجه عمران نذير سميت ٻيا به موجود هئا ذريعن موجب مريم نواز شهبازشريف کي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪراچي جي دوري کان به آگاهه ڪيو ۽ رهنمائي ورتي شهبازشريف چيو ته مسلمليگ (ن) هميشه ملڪ ۽ قوم جي سٺي مفاد ۾ سياست ڪئي آهي اسان عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ ان لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان کي جواب ڏيندي چيوت ه عمران خان صاحب غريب ۽ ڪمزور جو پيٽ ڪوڙن واعدن سان نٿو ڀرجي عمران صاحب گهر ۾ ماني ۽ روزگار هوندو ته سياحت ٿيندي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب بس بس بس، عمران صاحب بيان ۽ ليڪچر ڏيڻ سان نه معيشت ٺيڪ ٿئي ٿي نه روزگار ملي ٿو مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان جو شيخ چلي بڻجڻ ۽ بيوقوفاڻا فلسفا گهڻا ٿيا هاڻي گهر وڃو اوهان جي انتقامي سياسي بيانيو ۽ مديني جي پاڪ رياست جي نالي تي اوهان جي ڪوڙي منافقت واري سياست عوام رد ڪري ڇڏي آهي هن چيوت ه عمران صاحب عمران جي ڪوڙين تقريرن سان غريب جو پيٽ نٿو ڀرجي ۽ نه ماڻهن کي روزگار ملي ٿو عمران صاحب رڳو ڳالهيون ڪرڻ سان سياحت کي هٿي نٿي ملي نه معيشت ٺيڪ ٿئي ٿي هن چيو ته عمران صاحب جنهن رستي تي اوهان سفر ڪري وڃو ٿا ۽ پوءِ سياحت کي هٿي وڍرائڻ جون ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون ٿا اهو رستو نوازشريف ٺاهيو هو نوازشريف بهترين رستا ٺاهيا ته جيئن سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام کي روزگار ملي سگهي نوازشريف بيان ناهن ڏنا پر عملي ڪم ڪيو آهي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته نوازشريف رڳو ڳالهيون ناهن ڪيون ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائي ڏيکاريو آهي نوازشريف پنج سالن ۾ 40 لک نوڪريون ڏيئي ڏيکاريو آهي نوازشريف ۽ شهباز شريف ميٽروز ۽ موٽر ويز ۽ سڄي ملڪ ۾ ترقي ڪري ڏيکاري آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *