عمران صاحب جي فسطائي حڪومت ناهي جو صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اينڪر پرسن جي گرفتاري بابت قياس آرائي شرانگيز پروپيگڊا جو حصو آهي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته شق جي بنياد تي پٽيشن داخل ڪندڙن کي ثبوت ڏيڻ گهرجن ها هي عمران صاحب جي فسطائي حڪومت نه آهي جنهن ۾ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي وفاقي وزير چيو ته اسان جو ٽارگيٽ مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ۽ معيشت جي بحالي ۽ ترقي آهي وفاقي وزير چيو ته جمهوري حڪومت عوام جي خدمت لاءِ آئي آهي انتقام وٺڻ لاءِ ناهي آئي هن چيو ته پي ٽي آئي جو آئين ٽوڙڻ، ميڊيا ۽ عوام دشمن ٽولو فيڪ نيوز نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي مريم اورنگزيب چيو ته 4 سال چينل، ڪالم  ۽ پروگرام بندڪرڻ، صحافين جون پاسريون ڀڃندڙ آئينون ڏسن مريم اورنگزيب چيو ته بيروزگار ٽولي وٽ عوام جي خدمت ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *