عمران سڄي ملڪ جو ٺيڪو کنيو آ، پر ڪي پي ۾ احتساب ڪميشن کي تالا لڳل آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان صاحب توهان ڏڦيڙ پکيڙڻ ڪڏهن بند ڪندئو، خان صاحب پاڻ سڄي ملڪ جو ٺيڪو کنيو آهي پر سندس صوبي ۾ احتساب ڪميشن کي تالا لڳل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سڄو پاڪستان عمران خان جي اصليت ڄاڻي ٿو، عمران جي حرڪتن سبب پاڪستان جو عوام ساڻس نفرت ڪندو آهي، هن عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان استعيفيٰ ڪڏهن ڏيندا، توهان جهانگير ترين ۽ گنڊاپور کان استعيفيٰ ڪڏهن وٺندا، توهان جي پارٽي ڪرپٽ مافيا آهي جنهن جا سرپرست توهان آهيو، عمران خان توهان کي عوام ۽ ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندو. ڪي پي ڪي ۾ توهان جي حڪومت واري ڪاري دور کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *