عمران سرڪار غربت نه پر غريبن جي خاتمي جي ايجنڊا تي ڪم پئي ڪري: سنڌ سرڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات ، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب  آچر ڏهاڙي گيس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي بدترين صورتحال تي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران سرڪار غربت نه پر غريبن جي خاتمي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حڪمرانن جو وس هلي ته ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته گيس جي قيمتن ۾ اضافو غريب عوام جي تي ظلم آهي. هن چيو ته سياسي ڏاهپ کان خالي ۽ کوکلا حڪمران ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي، جڏهن ته بجلي ۽ گيس جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪن ته خاڪ ترقي ٿي سگهندي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته نااهل حڪومت صنعتي ترقي جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن اهڙي حالت ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري خطري جو شڪار آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته وزير اعظم جي پوري ٽيم نااهلي ۾ پي ايڇ ڊي  ڪئي آهي. هن چيو ته بي حس حڪمران عوام کان ماني جو گرهه به کسڻ چاهن ٿا، معيشت جي اعشاريه جو گراف خطري واري ليول تي اچي چڪو آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام انهن حڪمرانن کي صبح ۽ شام بد دعائون ڏئي رهيو آهي. تحريڪ انصاف سنڌ  سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، حڪمرانن جو ٻٽو معيار هنن جي منافقت جي سياست جو عڪس آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام جي خريداري جي سگهه جواب ڏئي چڪي آهي، قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. عمران خان سرمائيدارن جو نمائندو ۽ غريبن جو دشمن آهي. هن چيو ته خان صاحب جي معاشي پاليسين سان غربت ۽ افلاس ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري افراتفري جنم ورتو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مهانگائي سان پيدا ٿيندڙ بيچيني ۽ افراتفري ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختيار جي  لاءِ نيڪ شگن نه آهي. عمران خان ملڪ کي اهڙي سياسي ۽ معاشي دلدل ۾ ڦاسائي رهيو آهي جتان نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي ان افراتفري مان ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *