عمران خان ۽ چين جي صدر ۽ وزير اعظم سان ملاقاتون، ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي معاملن ۽ علائقائي امن تي ڳالهيون

بيجنگ (اين اين آءِ) چين جي دوري تي موجود وزيراعظم عمران خان، چيني صدر شي چن پنگ ۽ وزيراعظم ليڪي چيانگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيو جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آچر تي وزيراعظم چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪئي، گريٽ هال ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستاني وفد جا ميمبر موجود هئا جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پنهنجي دوري تي عمران خان چيني هم منصب ليڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن واپار وڌائڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون، ملاقات ۾ چين اڪنامڪ ڪوريڊور کي جلد کان جلد تعمير ڪرڻ ۽ گوادر بندر گاهه سميت سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کان اڳ بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي چن پنگ پاڪستان جي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، پاڪستاني وفد ۾ شاهه محمود قريشي، حفيظ شيخ، فيصل واوڊا ۽ خسرو بختيار شامل هئا، واضح رهي ته عمران خان چين جي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، وزيراعظم ٻئي بيلٽ روڊ فورم ۽ گول ميز ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *