عمران خان ڪوڙن واعدن، ناڪامي تي قوم کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ عوام جا سندس ڳچي ۾ هٿ هوندا: پيپلزپارٽي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيو اهي ته گذريل ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي وائيٽ پيپر تيار ڪيو آهي جنهن ۾ تبديلي ناهي تباهي آهي، عمران خان ڪوڙن واعدن ۽ پنهنجي ناڪامي تي قوم کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ عوام جا سندس ڳچي ۾ هٿ هوندا مهانگائي کان نجات عمران خان کان نجات سان لاڳاپيل آهي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آئي 77 مان 12 اڪائونٽس جو تفصيل ڏنو آهي هي چوندو اسپتال جي نالي تي گهرن ٿا ۽ چيڪ تحريڪ انصاف جي نالي جو ڪٽرائين ٿا هاڻي اوهان جي تلاشي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي جيڪڏهن اوهان تلاشي نه ڏيندا ته زبردستي اوهان جي تلاشي ورتي ويندي. هنن کان سندن سلائي مشينن، اولادن ۽ مهانگائي جو پڇيو وڃي ته هي گاريون ڏين ٿا اسان ڪنهن سان ڪوئي رابطو ناهي ڪيو نه ڪوشش ڪري رهيا آهيون عمران خان جي اڪائونٽس ۾ اهڙي ڪائي شئي ضرور آهي جو ان جو نالو ايندي ئي هو پريشان ٿي وڃي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار پيپلزپارٽي جيمرڪزي اڳواڻ شازيه مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو شازيه مري چيو ته موجوده حڪمران لڳائين نه پيا پر کائي رهيا آهن، هي ته ڪرونا جا فنڊ کائي ويا آهن کين 40 ارب رپين جو حساب ڏيڻو آهي ماضي ۾ هي فنڊنگ جي نالي تي سياسي پارٽين جي خلاف گٿي زبان استعمال ڪندا هئا ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا سندن ڪوڙو برانڊ چٿجي ويندو سوال اهو آهي ته هي فارن فنڊنگ ۾ لاڳيتو ڇو التوا گهري رهيا آهن اوهان ڳڻتي نه ڪريو پيپلزپارٽي پنهنجو حساب ڏيندي ۽ اسان پنهنجو سمورو رڪارڊ ۽ حساب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن پر اوهان ناراض ٻارڙن وانگر چئو ٿا ته پهريان پيپلزپارٽي ۽ ٻين کان پڇو اسان هڪ نه پر 100 ڀيرا پنهنجو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون اوهان ٻڌايو ته 40 مهينن جي حڪومت ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي اڄ پاڪستان دنيا ۾ چوٿون سڀ کان مهانگو ملڪ آهي. خطي ۾ پاڪستان سڀ کان مهانگو ملڪ آهي مهانگائي جي شرح 11.75 سيڪڙو ٿي چڪي آهي اوهان چئو ٿا ته ڪرونا وبا ۾ پاڙيسري ملڪ جو حال خراب ٿيو جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ حالتون سڀ کان خراب رهيو. غريب ۽ مڊل مين ساهه به نٿا کڻي سگهن اوهان چئو ٿا ته ماڻهن کي سمجهايو ته مهانگائي نه آهي ڇا ماڻهو کي توهان بي وقوف سمجهيو آهي. جيڪي آپگهات ڪري رهيا آهن ڇا اهي چريا اهن هن دور ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 57 ۽ گئسجي قيمتن ۾ 600 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ تبديلي نه پر تباهي آئي آهي عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته ملڪ مان 90 0ينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس مهانگائي ختم ٿي ويندي ۽ خوشحالي ايندي. پر عمران خان هڪ به واعدو پورو نه ڪيو. اڄ هر پاڪستاني ٻن لک رپين جو قرضي آهي تنهنڪري عمران خان ڪوڙن واعدن ۽ ناڪام ٿيڻ تي قوم کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ عوام جا هٿ عمران خان جي ڳچي ۾ هوندا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سڀاڻي لاهور ۾ عظيم اڳواڻ ذوالفقارعلي ڀٽو جي سالگرا جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو چيئرمين بلاول ڀٽو سينترل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فيڊرل ڪائونسل جو اجلاس سڏايو آهي ۽ هي ڊگها اجلاس هوندا هن چيو ته اسان خيبرپختونخواه ۾ 8 سالن کان تبديلي جي شڪل ۾ آيل تباهي کي برداشت ڪري رهيا آهيون اتي اسان کي تبديلي جو چنڊ نظر اچي چڪو آهي مهانگائي پاڪستان جي عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي هن چيوت ه عمران خان چوي ٿو ته اسان کان خيبرپختونخواه ۾ بلدياتي ٽڪيٽ ڏيڻ ۾ غلطيون ٿيون جيتوڻيڪ عمران خان سمورن اميدوارن جي پاڻ منظوري ڏني. کيس خبر هئي ته ڪير ڪنهن جو مامو، ڪير ڪنهن جو چاچو ۽ ڪير ڪنهن جو ڀاءُ ۽ ڀائٽو آهي اڄ تحريڪ انصاف جا اسيمبلي ميمبر چئي رهيا آهن ته اسان عوام ۾ نٿا وڃي سگهون ۽ ڪوئي تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هن چيو ته عمران ان چوي ٿو ته منهنجو برانڊ سيل ڪريو ڇا اوهان جي ڪوڙ جو برانڊ سيل ڪيو وڇي اوهان 77 مان صرف 12 اڪائونٽس جو تفصيل ڏنو آهي هاڻي اوهان جي تلاشي جو وقت آهي اوهان تلاشي ڏيو نه ته اوهان جي زبردستي تلاشي ورتي ويندي. اوهان اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيا آيو ته اسڪروٽني کي اوپن نه ڪيو وڃي عدالت کي چيو پيو وڇي ته گڏيل فيصلا ٻڌايو گڏيل شادين جو ته ٻڏو هو پر گڏيل فيصلا ٻڌائڻ جو مطالبو پهريون ڀيرو ٻڌو آهي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن هاڻي حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. هن چيو ته خيبرپختونخواه ۾ اسان جو اميدوار نجيب الله محسود ٽارگيٽ ڪلنگ جو کاڄ بڻيو اي اين پي جي ميئر جو اميدوار شهيد ٿيو امين گنڊاپور هڪ قتل ڪيس ۾ 46 جي بيان ۾ ملزم آهي پر هو گرفتار نه ٿيو ڇو ته هو عمران خان جو لاڏلو آهي اسان سپريم ڪورت کان گهر ڪريون ٿا ته سياسي شهيدن تي جي آئي ٽي ٺاهي وڃي سنڌ ۾ ڪو معاملو هجي ته وفاقي حڪومت چوي ٿي ته جي آئي ٽي ٺاهيو هن چيو ته بلاول ڀٽو جمهوري موقف اختيار ڪيو ته استيعفائن بدران ان هائوس تبديلي آندي وڃي. هن چيو ته عمران خان تحفي ۾ ملندڙ گهڙي دبئي ۾وڪرو ڪئي پر رقم توشه خانه ۾ جمع نه ٿي عمران خان جي اڪائونٽ ۾ اهڙي ڪائي شئي ضرور موجود آهي جو ان جو نالو ايندي ئي پريشان ٿي وڃي ٿو ٿي سگهي ٿو ته ان ڪائي اهڙي شئي ملوث هجي جنهن سان هو ان کي روڪي ٿو هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن سان بند ڪمرن ۾ نه پئي ملي اسان رڳو بيروزگاري ۽ عوام جي تڪليفن پريشانين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *