عمران خان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو؟: سعيد غني

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي جيڪڏهن آئين جي روح مطابق ووٽنگ ٿي وڃي ٿي ته عمران خان اڳوڻو وزيراعظم ٿي ويندو بلاول ڀٽو جو ويزن ۽ ان جي سياست عمران خان کي در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي خلاف ڪائي بين الاقوامي سازش نه آهي هي هڪ مئين گيم کيڏي رهيا آهن عمران خان اتحادين جي سپورٽ جي باوجدو به نه رهندو ۽ ان جو احساس ان جي اتحادين کي به آهي ۽ ڪوبه ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ سوار نه ٿيندو ايم ڪيوا يم پاران يا اسان پاران کين حڪومت ۾شامل ڪرڻ يا وزارتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪائي ڳالهه نه ٿي آهي رپ جيڪڏهن اسان جا لاڳاپا بهتر ٿي وڃن ٿا ته اڳتي هلي ايئن ٿي سگهي ٿو جڏهن ته هن وقت جڏهن هي ڳالهه ڪري رهيو آهيان هن وقت تائين ايم ڪيو ايم پاران سنڌ حڪومت ۾ ڪوئي حصو نه گهريو ويو آهي مان هميشه ان ڳالهه کي به تسليم ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ آهي ۽ ايم ڪيو ايم اتان ڪامياب ٿئي ٿي ايم ڪيو ايم جا ٻه رخ آهن هڪ عسڪري ونگ ۽ هڪ سياسي ونگ اسان سياسي ونگ سان ضرور ڳالهائينداسين پر ان جي عسڪري ونگ سان نه ڳالهائينداسين نه ئي انک ي تسليم ڪنداسين اهڙن خيالن جواظهار هن اڱاري ڏينهن پيپلزپارٽي ميڊيا سيل اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو سعيد غني چيو ته هن وقت ملڪ جي جيڪا صورتحال بدقسمتي سان پي ٽي آئي جي نالائق حڪومت بڻائي ڇڏي آهي اها ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي هن چيو ته جتي آئين سمورين شين ۽ ڳالهين کي وضاحت سان ٻڌائيندو هجي ۽ ان ۾ ڪوئي ڪنفيوزن نه هجي ان موقعي تي ڪنهن به حڪومت پاران ان جي ڌمڪين جو اچڻ ۽ اهي قدم کڻڻ جا اعلان ڪرڻ جيڪي هڪ آئيني عمل جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهندا هجن هي ڪمهن به طور تي قبول نه آهن ۽ هي مڪمل آئين جي ڀڃڪڙي اهي سعيد غني چيو ته شهيد محترمه بينظير جي 1989 جي دور ۾جڏهن بي اعتمادي رٿ آئي هئي ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽي وٽ عوام جي جيڪا پذيرائي هئي اڄ اهڙي پذيرائي پي ٽي آئي وٽ نه آهي. هن چيو ته هن وقت ڪجهه چور وزيرن پاران جهڙي قسم جي زبان ڳالهائي پئي وڃي اها ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته هي هڪ آئيني قدم جي رستي ۾ بيشڪ هڪ رڪاوٽ آهي هن چيو ته انهن چور وزيرن پاران اهو چيو پيو وڃي ته اهي ڪنهن اهڙي قومي اسيمبلي ميمبر کي ايوان ۾ ان ڏينهن اندر وڃڻ نه ڏيندا جنهن کي اهي نٿا چاهين ته اهو وڃي 10 لک ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ انهن مان  اهو لنگهي ويندو ۽ پوءِ ان جي گهرن ۽ گهٽين تي حملو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ان سان اها ڳالهه ته واضح ٿي وڃڻ گهرجي ته ان وٽ 172 اميدوار نه آهن سعيد غني چيوت ه جيڪڏهن هن وٽ هي تعداد هجي ها ته ڪڏهن به هو اهڙيون حرڪتون نه ڪري ها هن چيو ته جتي جتي عمران خان ويو آهي جيڪو ڪنهن سان گڏ ويهڻ لاءِتيار نه هو اڄ هڪ هڪ ميمبر ۽ اتحادين وٽ ڌڪا کائي رهيو آهي ۽ اهي ئي اتحادي کيس چانهه پاڻي پياري چئي ڇڏين ٿا ته اهي سوچي کيس ٻڌائيندا عقل مندن لاءِ اشارو ڪافي هوندوآهي سعيد غني چيو ته عمران خان اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻين ٿو ۽ انکي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته نه ته پي ٽي آئي جا وڏي انگ ۾ اسيمبلي ميمبر ان سان گڏ آهي نه ئي ان جا اتحادي ان سان گڏ آهن هن چيو ته بي اعتمادي رٿ تي جيڪڏهن آئين جي روح مطابق ووٽنگ ٿي وڃي ٿي ته عمران خان کي عبرتناڪ شڪست ٿيڻ واري آهي ۽ هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم ٿي ويندو. سعيد غني چيو ته عمران خان جيڪڏهن بلاول جي اردو تي چٿر ڪئي ته ايئن ئي ٿيندو ته مون کي انگريزي نه ايندي هجي مان ڪنهنجي انگريزي تي چٿر ڪريان هن چيو ته جنهن کي پاڻ معيشت جهڙو لفظچوڻ نه ايندو هجي جنهن کي روحانيت لفظ چوڻ نٿو اچي جنهن کي دستاويزات، خاتم النبين چوڻ نٿو اچي جنهن جي نه جاگرافي ٺيڪ آهي نه ئي اردو ٺيڪ آهي ۽ نه دماغ ٺيڪ آهي اهو جيڪڏهن انهن ڳالهين تي چٿر ڪرڻ شروع ڪري جنهن جي ڪائي حيثيت نه آهي هن چيوت ه بلاول ڀٽو جنهن عمران خان کي در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي هنچ يو ته جنهن پارٽي لاءِ عمران خان چوندو هو ته اها پارٽي ختم ٿي وئي آهي جنهن پارٽي لاءِ هو چوندو هو ته اها گهٽجي ٻهراڙي سنڌ جي پارٽي ٿي وئي آهي هاڻي هو چوي ٿو ته منهنجي بندوق جي نشست تي آصف علي زرداري آهي سعيد غني چيو ته اڄڪلهه عمران خان ئي نه پر سندن وزيرن جون زبانون به ترڪي رهيون آهن. ڪڏهن ڪوئي وزير قانون هٿ ۾کڻڻ بدران هٿ ۾ قانون وٺي ڇڏي ٿو هي ان ڳالهه جون نشانيون آهن ته کين يقين ٿي ويو آهي ته اهي فارغ ٿي ويا آهن ۽ هي وڃي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *