عمران خان کي پنهنجي عزت جو ڪو خيال ناهي، مهانگائي جو طوفان آهي، ماڻهن کان اجها کسيا ويا آهن: مراد علي شاھ

حيدرآباد (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجي عزت جو ڪو خيال ناهي، مهانگائي جو طوفان آهي، ماڻهن کان اجها کسيا ويا آهن.حيدرآباد ۾ عوامي مارچ سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صاحب ڪالهه ڪراچي کان توهان جي راءِ وٺڻ نڪتو آهي، نيازي چوندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن چوڪ تي 50 ماڻهو گڏ ٿيا ته استعيفيٰ ڏئي هليو ويندس، هتي هزارن جي انگ ۾ ماڻهو آهن، ٻڌايو ته توهان ڇا ٿا چاهيو نيازي وڃي؟، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي عزت جو ڪو خيال ناهي، عوامي مارچ ذريعي اسان هن سليڪٽڊ وزيراعظم کي گهر موڪلينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *