عمران خان کي عقل جي ڳالھھ دير سان سمجھھ ۾ ايندي آھي، ان ڪري پارليامينٽ مان تڙيو ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران صاحب کي عقل جي ڳالهه دير سان سمجهه۾ آئي تنهنڪري پارليامينٽ مان تڙيو ويو عمران صاحب کي آئين جي ڳالهه عقل۾ اچي وڃي ها ته اڌ رات جو عدالت جا دروازا نه کوليا وڃن ها پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته عمران صاحب کي عقل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته عوام دشمن شرطن تي اکيون ٻوٽي معاهدن تي صحيحون نه ڪري ها هن چيو ته عمران صاحب کي عقل هجي ها ته معيشت تباهه، روزگار ختم ۽ تاريخي مهانگائي سان عوام جو ساهه نه ٻوساٽجي ها هن چيو ته امپورٽيڊ ترجمان پنهنجي رجيڪٽيڊ ليڊر جي مجروح انا جي تسڪين لاءِ روز نوان ڪوڙ ڳالهائي ٿو هن چيو ته عمران صاحب کي عقل هجي ها ته اوهان جهڙا اڌارا ترجمان هجن ها؟ هن چيو ته عمران صاحب ۾ عقل هجي ها ته فرح گوگي جي ذريعي ڪرپشن ڪري ها؟ توشه خانه جي قومي امانت ۾ خيانت ڪري ها؟ هن چيو ته پنهنجي چئن سالن جا 20 هزار ارب جي تاريخي قرض وانگر ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي گناهن جو روز بار وڌايو وڇي ٿو هن چيو ته عملي طور تي اوهان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر اوهان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو جيڪي ماڻهو پاڻ نه ويا تنهن کي آئين جي طاقت سان تڙيو ويو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *