عمران خان کي سمهندي جاڳندي رڳو نواز شريف نظر اچي ٿو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان کي سمهندي جاڳندي رڳو نواز شريف نظر اچي ٿو، عمران خان عدالت مان من پسند فيصلا وٺڻ لاءِ ڊيگهه ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي جلسن ۾ ماڻهن کي پاڪستان ۾ باهه لڳائڻ تي اتساهي رهيو آهي جڏهن ته نواز شريف ملڪ جي تعمير ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ وزيراعظم محمد نواز شريف کي عزت ڏني آهي، عمران خان هروڀرو پاڻ کي خوار نه ڪري. هن چيو ته عمران خان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عزت الله جي هٿ ۾ آهي، عمران خان حوصلو رکي ۽ پنهنجي ناڪامي تي سچي دل سان غور ڪري ۽ بهتر سياست طرف اچي. هن چيو ته آڪسفورڊ مان پڙهندڙ عمران خان ماڻهن کي عدالتن جي خلاف اتساهي رهيو آهي ته جيئن معاشرو ۽ ملڪ انارڪي جو شڪار ٿئي. عمران خان عدالت مان پنهنجا من پسند فيصلا وٺڻ لاءِ ڊيگهه ڏئي رهيو آهي ۽ کيس پنهنجو ڪيس عدالتن ۾ کڻي وڃڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان رڳو اڌ ڳالهه ڪري ٿو ۽ سچ نه ٿو ڳالهائي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته اسحاق ڊار مشروط طور تي مطالبا تسليم ڪيا هئا، جيڪڏهن عمران خان ان وقت ڌرڻو ختم ڪري ها ته پوءِ حق بجانت هجي ها ته حڪومت تي الزام هڻي ها، هاڻي کيس تمام گهڻي دير کانپوءِ اهو خيال آيو آهي ته کانئس غلطي ٿي وئي آهي، هو سدائين ڳالهه مڃي ڦري وڃي ٿو ۽ هو پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي جلسن ۾ ماڻهن کي پاڪستان ۾ باهه لڳائڻ تي اتساهي رهيو آهي جڏهن ته نواز شريف ملڪ جي تعمير ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *