عمران خان کي خوف سياسي ملاقاتن سان نه، ملڪ جي تباهيءَ سان آهي: شهباز شريف

ڪراچي (م.ڊ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان کي خوف سياسي ملاقاتن سان نه پر ملڪ جي تباهيءَ سان آهي، حڪمرانن معيشت ۽ ملڪ جو بيٺو غرق ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف لاهور جي عدالت ۾ پيش جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رڪارڊ قرض وٺڻ باوجود عوامي ڀلائي جو ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو، ڪڻڪ، کنڊ، ايل اين جي اسڪينڊل ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، ملڪ جي دولت ٻنهي هٿن سان لٽي وئي، ٻئي طرف حمزا شهباز کان جڏهن هڪ صحافي جهانگير ترين سان سندس رابطن بابت سوال ڪيو ته سندس چوڻ هو ته رابطا سڀني سان آهن، مقصد هڪ ئي آهي ته عمران نيازي کي گهر وڃڻو آهي، مخالف ڌر جي سمورين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *