عمران خان کي خواجا آصف جي نااهلي واري فيصلي جي پهرين ئي خبر هئي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب الزام لڳايو آهي ته عمران خان کي خواجا آصف جي نااهلي واري فيصلي جي پهرين کان ئي خبر هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان لاهور ۾/چيو هو ته وڏي وڪيٽ ڪِرڻ واري آهي، لڳي ٿو ته هو ايمپائر سان رابطي ۾ هو ۽ کيس پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي جي فيصلي جي پهرين کان ئي خبر هئي. هن چيو ته فيصلا ڪرپشن تي نه پر اقامن جي بنياد تي ڏنا پيا وڃن، اهڙن فيصلن تي عوام پنهنجو رد عمل ڏئي رهيو آهي، اليڪشن ۾ عمران خان کي پنهنجي مقبوليت جي خبر پئجي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *