عمران خان کي جلسن ۾ ماڻهو ڪرڪيٽر جي حيثيت سان ڏسڻ اچن ٿا: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ شيخ ينگيسٽرس فورم جي چيئرمين اعجاز علي شيخ پاران سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جي مان ۾ ينگيسٽرس فورم ريشم گليءَ جيآفيس آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن، واپارين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپارين سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيوته واپارين سميت سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڀرپور نموني سان ڪوششون ڪري رهي آهي. لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي. هتان جي واپارين هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيوته 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جيڪو پي ٽي آءِ جو جلسو ٿي رهيو آهي، اهڙيون پارٽيون گهڻيون آيون ۽ ويون. اهڙن جلسن يا جلسي سان پيپلز پارٽي تي ڪوبه فرق نه آيو آهي ۽ نه ئي ايندو. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي. عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت ۾ متحد آهي. پيپلز پارٽي اڳ به سنڌ واسين جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ هاڻِ به حڪومت هر وقت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششين ۾ آهي. پيپلز پارٽي جا مخالف ٿر جهڙا اشو اٿاري اسان کي سنڌ جي ترقياتي ڪمن ۽ خدمت کان روڪي نه ٿا سگهن. پيپلز پارٽي خلاف هميشه رڳو پروپگنڊا جو هٿيار استعمال ڪيو ويو آهي. پر حقيقت ۾ پ پ پ ئي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ باقين پارٽين جو حشر سڀني جي سامهون آهي. هن چيوته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڪيترا به جلسا ڪري پر سنڌ جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ڪري ٿو ۽ ان جي پارٽي سان ڪڏهن به بيوفائي ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. هن چيوته عمران خان کي جلسن ۾ ماڻهو ڪرڪيٽر جي حيثيت سان ڏسڻ اچن ٿا باقي هو جيڪي ڳالهيون ڪري ٿو انهن تي پاڻ به نه ٿو بيهي. جلسن ۾ ساڳيون ڳالهيون ڪري عوام جو وقت ضايع پيو ڪري. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، پ پ پ اڳواڻ اعجاز علي شيخ جي والد حاجي ارباب علي شيخ کي حج جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ اسلم شيخ، نياز احمد شيخ، علي اڪبر چوهاڻ، ڪاشف شيخ، پرديپ ڪمار ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *