عمران خان کي آڻيندڙ ھاڻي غلطي جو اعتراف ڪري رھيا آھن، پي ٽي آءِ حڪومت مُدو پورو نه ڪندي:آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت آمريڪي پراپرٽي بابت ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪچي ضمانت 23 نومبر تائين منظور ڪري ورتي جڏهن ته آصف زرداري چيو ته جن ماڻهن حڪومتکي آندو آهي اهي هاڻي غلطي مڃي رهيا آهن عمران خان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪندي احتساب عدالت ۾ آمريڪي پراپرٽِ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جج اعظم خان ڪئي آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ، ارشد تبريز، بئريسٽر شيراز عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت آصف علي زرداري جي ضمانت 5 لک رپين جي مچلڪن تي 23 نومبر تائين منظور ڪري ورتي عدالت درخواست تي نيب کي به بوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالها.ئيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري حڪومت جا ڏينهن پورا ٿيڻ جي سوال تي جواب ڏنو في الحال ته جن ماڻهن حڪومت کي آندو آهي اهي غلطي مڃي رهيا آهن حڪومت پنج سال پورا نه ڪندي آصف علي زرداري اڳوڻي جج جي حلفي بيان ۽ اڳوني چيف جسٽس ثاقب نثار جي چوڻ تي مريم نواز ۽ نوازشريف جون ضمانتون رد ڪرڻ تي چيو ته سوال تي اسان اڳ ئي هي رستو ڏسي چڪا آهيون جسٽس قيوم سان سيف الرحمان ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي به ٽيپ هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *