عمران خان ڌانڌلين جي جاچ سپريم ڪورٽ کان ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات لاءِ جماعت جي اڳواڻ ميان اسلم جي رهائشگاهه پهچي ويو، عمران خان جڏهن اتي پهتو ته سراج الحق ساڻس ڀاڪر پائي مليو ۽ کيس جوس پياري سندس آجيان ڪئي، شروعاتي طور تي وفدن جي ملاقات ۽ فوٽو ڪڍرائڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن پاڻ ۾ اڪيلي ملاقات به ڪئي، عمران خان سان گڏ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ، اسد قيصر هئا جڏهن ته ان موقعي تي جماعت اسلامي جا ٻيا مرڪزي اڳواڻ به موجود هئا عمران خان جي اچڻ کان اڳ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ سراج الحق چيو ته ٻنهي پارٽين وچ ۾اهي ويڇا ڪجهه ننڍين غلط فهمين جي بنياد تي ٿيا هئا جن تي ميڊيا جي ڪن گروپن به معذرت ڪئي آهي تنهن ڪري بهتر آهي ته هاڻ ٻئي ڄڻا دليون صاف ڪري پاڻ ۾ ٺهي هلون ياد رهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ سراج الحق عمران خان کي پاڻ وٽ چانهه جي دعوت ڏني هئي ته جيئن هنن وچ ۾ پيدا ٿيل سياسي غلط فهمي کي ختم ڪيو وڃي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن اهم ملاقات ۾ تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ امڪاني ڳالهه ٻولهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مليل ڄاڻ موجب سراج الحق ملاقات دوران عمران خان کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ٿيل ڌانڌلي جي جاچ ڪري ٿي ته هو ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن اهو به چيو ته طاهر القادري جي ڌرڻي ختم ڪرڻ سان مٿس ڪو به فرق نه ٿو پوي، هن چيو ته سندس جي ڌرڻي سبب حڪومت سخت پريشان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *