عمران خان چونڊن کان اڳ مولا جٽ ۽ پوءِ يملا جٽ بڻجي ويندو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان چونڊن کان اڳ مولا جٽ ۽ پوءِ يملا جٽ بڻجي ويندو آهي پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ڀارتي ڏاڍ امن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي ڀارت جي ننڍڙي سوچ مذمت جوڳي آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ضمني اليڪشن ۾ عمران خان جا الزام ۽ (ن) ليگ جي شفافيت وچ ۾ مقابلو هو اين اي 122 جي چونڊ عمران خان جي الزامن ۽ (ن) ليگ جي موقف جي صداقت وچ ۾ جن ۾ عمران خان ڪوڙو ۽ الزام خان ثابت ٿيو (ن) ليگ جو موقف سچ ثابت ٿيو آهي هن چيو ته ڀارت ۾ غلام علي ۽ خورشيد قصوري سان ننڍڙي سوچ جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *