عمران خان چور مچائي شور جو جيئرو جاڳندو مثال آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جواب ڏئي ته چترال کان اسلام آباد ڪنهن جي هيلي ڪاپٽر تي آيو، ڪي پي ڪي جي عوام سان ڌوڪو عدالتن کان ڀڄڻ ۽ ٻين مٿان ڪوڙا الزام هڻڻ ان جي عادت آهي. پي ٽي آئي سربراهه چور مچائي شور جو زنده مثال آهي. پي ٽي آئي جي اڳواڻ عمران خان جي چترال کان روانگي جي موقعي ڳالهائڻ  تي ردعمل تي اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو عمران خان چترال ۾ ٻين جي منصوبن تي نيون تختيون لڳائي ڪنهن کي بي وقوف بنائي رهيو آهي، پراڻي منصوبي تي توهان جي نالي جي تختي جي قيمت ڪي پي ڪي جي عوام کي 50 لک روپيا پر ڏينهن پئجي رهي آهي، هن چيو ته عمران صاحب اڄ توهان نئين منصوبي تي تختي لڳايو هان ته اسان سڀ توهان کي مبارڪ ڏيون هان، مريم اورنگزيب چيو ته اڄ وري اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ فرار جي وڪيل رعائت گھري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن گذريل اڍائي سالن کان توهان جي جواب جو منتظر آهي. هن چيو ته عمران صاحب نوان منصوبا ڪيئن لڳندا آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان تربيت وٺندا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *