عمران خان چئن سالن دوران ادارن کي ڪمزور ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميان نوازشريف هميشا آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو آهي. نوازشريف ۽ خاندان پنهنجي خلاف ڪيس ۾ قانون جي پاسداري ڪئي ۽ نئون تاريخي مثال قائم ڪيو. مني لانڊرنگ جي نالي تي شروع ٿي اقامي تي ختم ٿيندڙ ڪيس تي پوري قوم سوال ڪري رهي آهي . سپريم ڪورٽ ۾ ڪرپشن جا نعرا لڳائيندڙ پاڻ عدالتن کان فرار آهن، عمران خان ادارن کي گاريون ڏئي ٿو. هن چئن سالن ۾ ادارن کي ڪمزور ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه نه ڪيو. هن چيو ته  شينهن ايندو مان چيوهو ۽ سڄو پاڪستان ڏسندو. هر پاڪستاني شهري وانگر شريف خاندان کي سمورا قانوني حق حاصل آهن. پاڪستان جي  آئين ۽ قانون کي به شريف خاندان جي قانوني ۽ بنيادي حقن جو خيال رکڻون پوندو.  هن چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتساب ڪميشن کي اڄ تائين تالو هڻي ڇڏيو آهي، هن چيو ته عمران خان پارٽي فنڊنگ جي لاءِ جوا کيڏندو آهي ۽ چوي ٿو ته  جوا نه کيڏي پر  ايڊوائيز ڏني  هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *