عمران خان پي ايس ايل جي فائنل ۾ ڪامينٽري ڪري ها: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سياسي دٻاءُ جي باوجود ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهيون پي ايس ايل جي فائينل جي انعقاد سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ٻيهر موٽي آئي آهي وزيراعظم نوازشريف پاڪستان ۾ صرف پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ان جو ايجنڊا صرف عوام جي خوشحالي آهي عمران خان ڪرڪيٽ جو اسٽار آهي ان کي اچڻ گهرجي ها ان مئچ لاءِ ان کي اهڙي ئي ڪمينٽري ڪرڻ گهرجي ها جهڙي آءِ پي ايل جي لاءِ انڊيا ۾ ڪئي هئي مهمد ايجنسي ۾ سرحد پار کان پاڪستاني پوسٽن تي حملو مذمت جوڳو آهي پاڪ فوج ملڪ جي بچاءُ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم نوازشريف پاڪستان ۾ صرف پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اڄ جو پاڪستان دهشتگردي جي خوف مان پاڪ اقتصادي طور تي ترقي يافته لوڊشيڊنگ جي اونداهين مان پاڪ ۽ اڳتي وڌندڙ پاڪستان آهي جنهن جو وزيراعظم 2013 ۾ قوم سان واعدو ڪيو هو هن چيو ته نوازشريف جي پاڪستان ۾ هاڻي راندين جو ميدان آباد ٿيو آهي هن چيو ته ميڊيا گذريل ڏينهن جهڙي طرح پرامن ۽ خوف کان پاڪ پاڪستان جي پيغام کي عام ڪيو ان تي پوري قوم ميڊيا کي مبارڪباد ڏي ٿي. هن چيو ته اها هڪ مئچ نه پر هڪ تاريخ ٺهي آهي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ٻيهر بحال ٿي چڪي آهي ۽ آئينده به مئچون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏينديون شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون اسان شهيدن جي وارثن سان انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *