عمران خان پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير نجم سيٺي تي عام چونڊون 2013 ۾ڌانڌلي جو الزام معافي وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي اڳوڻي نگران وزرياعليٰ نجم سيٺي کي عام چونڊون 2013 ۾ ڌانڌلي جو الزام هڻندي ان کان  مطالبو ڪيو ته هو قوم کان معافي وٺي هڪ انٽرويو ۾ پنجاب ۾ نگران حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندڙ بدلين بابت پڇيل سوال تي چيئرمين تحريڪ انصاف چيو ته نجم سيٺي وڏو چالاڪ ماڻهو آهي ۽ چونڊن ۾ هن نه گهرو سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ۽ پولنگ اسٽيشن جو 50 سيڪڙو اسٽاف به ايجوڪيشن جي کاتي مان مقرر ڪيو ويو هن اهو به الزام مڙهيو ته حڪومت نجم سيٺي کي ڪيتريون مراعتون ڏنيون ۽ کيس پي سي بي جو چيئرمين بڻائي فائدا پهچايا ويندا عمران خان چيو ته سڀ کان منظم ڌانڌلي پنجاب صوبي ۾ ڪيون ويون جتي اضافي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ڪرائي ويئي ۽ ان جو هو اڳ به ذڪر ڪري چڪو اهي عمران خان چيو ته 35 پنچر جي ڳالهه سڀ کان پهريان مرتضي پويا ڪئي هئي جيڪا نوازشريف جي وچ ۾ ٿيندڙ هڪ ٽيليفون ڪال جي بنياد تي هئي ۽ خود مرتضيٰ پويا تازو ئي پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ان جي تصديق ڪئي هئي. عمران خان يو ته 35 پنچر واري ڳالهه تي ان جي ٻي سورس ڊاڪٽر اعجاز آهي جيڪو لنڊن ۾ آهي ۽ هن هي فون ڪال جي ٽيپ خود ٻڌي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *