عمران خان پرڏيهه وڃي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ پئسا ورتا: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ تي قوم کان معافي وٺي.سندس چوڻ هو ته عمران خان هنڊي ذريعي ٻاهريان پيئسا گهرائي قومي غداري وارو ڪم ڪيو آهي،اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ٻاهريان ملندڙ فنڊن جي جاچ ڪري ۽ جلدي اهم فيصلو ٻڌائي.سينيٽر پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان هنڊي ذريعي پرڏيهه مان فنڊ گهرائي رهيو آهي،ٻاهريان مليل چندو واپس ڪري ۽ قوم کان معافي گهري.پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته پهرين فيبروري  کان مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن ويندا ۽ ٻاهرين ملڪن مان کيس ملندڙ فنڊن بابت درخواست به داخل ڪرائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *